هڪ صارف جي شڪايت تي اليڪٽرڪ مٿان 1 لک 20 هزار رپين جو ڏنڊ

 

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي هڪ صارف عدالت (ڪنزيومر ڪورٽ) ٽن سالن جو عرصو گذرڻ جي باوجود بجلي جو نئون ڪنيڪشن فراهم نه ڪرڻ تي ڪي اليڪٽرڪ تي گڏيل طور تي 1 لک 20 هزار رپين جو ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.

صارف تحفظ عدالت (اوڀر) جي جج جاويد علي ڪوريجو ڪي اليڪٽرڪ جي چيئرمين، چيف ايگزيڪٽو آفيسر (سي اي او) ۽ آءِ بي سي جوهر ٽو جي منيجر کي شڪايت ڪندڙ اسد الله مهيسر کي ذهني ڪرب ۽ قانون ڪارروائي جي خرچن جي عيوض 70 هزار رپيا ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ان کان سواءِ ڪمپني کي ڏنڊ جا 50 هزار رپيا سرڪاري ناڻي ۾ 30 ڏينهن اندر جمع ڪرائڻ جو پابند ڪيو ويو آهي.

معزز جج چيو ته جيڪڏهن ڪمپني ڏنڊ ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي ذميوار ماڻهن کي سنڌ ڪنزيومر پروٽيڪشن ايڪٽ 2014ع جي سيڪشن 33 (ٽو) جي تحت گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهيني جي سزا ڏني ويندي، جنهن کي 3 سالن تائين وڌائي سگهجي ٿو يا گهٽ ۾ گهٽ 50 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري سگهجي ٿو جنهن کي 2 لک رپين تائين وڌائي سگهجي ٿو يا ٻئي سزائون به ڏئي سگهجن ٿيون.

عدالت ڪي اليڪٽرڪ کي حڪمن تي عملدرآمد لاءِ 19 ڊسمبر تائين جي مهلت ڏني آهي ۽ ان ڏينهن مدعي عليهان عدالتي حڪمن تي عمل ڪندي رپورٽ جمع ڪرائيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.