”اهو تاثر غلط آ ته رڳو اپوزيشن جو احتساب پيو ٿئي“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته صوبي ۾ وڏن واڳن ۾ هٿ وڌو ويو آهي، 2 ارب 65 ڪروڙ رپين جي سرڪاري ايراضي آجي ڪرائي وئي آهي.

احتساب  ۽ گهرو معاملن بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عثمان بوزدار چيو ته پنجاب ۾ اينٽي ڪرپشن مهم زورن تي جاري آهي، ماضي ۾ بااثر ڪرپٽ مافيا ۾ هٿ نه وڌو ويو.

هن چيو ته اينٽي ڪرپشن کاتي کي ٻن سالن ۾ 51 هزار کان وڌيڪ دانهون مليون، جيڪي چون ٿا ته تبديلي ناهي آئي، انهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته پنجاب تبديل ٿي رهندو.

ان موقعي تي شهزاد اڪبر چيو ته هڪ اداري کي آزادي ڏيڻ سان پنجاب ۾ وڏي تبديلي آئي، وفاق جيان پنجاب ۾ به ڪنهن کي آين آر او نه ملندو.

سندس موجب اهو تاثر غلط آهي ته رڳو اپوزيشن جو احتساب ٿي رهيو آهي، سوال رڳو انهن کان ٿيندو جيڪي حڪومتن ۾ رهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.