زي ٽي اي جو سستو انڊر ڊسپلي سيلفي ڪيمرا فون اچي ويو

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چين سان تعلق رکندڙ ڪمپني زي ٽي اي سيپٽمبر ۾ دنيا جو پهريون ڊسپلي جي اندر لڳل ڪيمرا وارو فون ايڪسون 20 فائيو جي عام صارفن جي لاءِ متعارف ڪرايو هو.

ان ٽيڪنالاجي لاءِ مختلف ڪمپنين طرفان ڪم ڪيو پيو وڃي پر زي ٽي اي اهڙي ڪمرشل فون جي حوالي سان سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو.

هي فون هن وقت ڪيترن ئي ملڪن ۾ موجود آهي پر هاڻ ڪمپني ان جو هڪ مختلف ۽ امڪاني طور تي سستو ويزن متعارف ڪرايو آهي.

ايڪسون 20 کي هاڻ 4 جي ويزن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ يوني سوڪ ٽائيگر ٽي 618 پراسيسر ڏنو ويو آهي.

زي ٽي اي ايڪسون 20 فور جي ۾ به سيلفي ڪيمرا کي اسڪرين جي اندر لڪايو ويو آهي جڏهن ته ٻيا فيچرز به پراسيسر کي ڪڍي لڳ ڀڳ هڪ جهڙو آهي.

يوني سوڪ جو اِهو پراسيسر اسنيپ ڊراگون 765 جي کان مختلف آهي ۽ اِهو ئي فون ۾ واضح فرق آهي.

ان نئين ويزن واري ايڪسون 20 ۾ 6.9 انچ جي ايف ايڇ ڊي پلس او ايل اي ڊي ڊسپلي ڏنو ويو آهي جنهن ۾ 90 هرٽز ريفريش ريٽ ڏنو ويو آهي جڏهن ته فنگر پرنٽ اسڪينر به اسڪرين جي اندر ئي ڏنو ويو آهي.

6 کان 8 جي بي ريم ۽ 128 کان 256 جي بي اسٽوريج ڏنو ويو آهي.

فون جي بيٽري 4220 ايم اي ايڇ جي آهي جنهن سان گڏ 30 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ ڏني وئي آهي جڏهن ته اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ سسٽم جو امتزاج ڪمپني جي پنهنجي جي پنهنجي مائي فيور 10.5 يوزر انٽر فيس سان ڪيو آهي.

ڊيوائس جي بيڪ تي ڪواڊ ڪيمرا سيٽ اپ آهي جنهن ۾ 64 ميگا پڪسل مين ڪيمرا سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽراوائيڊ سنسر ڏنو ويو آهي.

ان کان سواءِ ڊيپٿ ڊيٽا ۽ ميڪرو شوٽس جي لاءِ 2-2 ميگا پڪسل ڪيمرا ڏني وئي آهي.

جيستائين انڊر ڊسپلي ڪيمرا جي ڳالهه آهي ته ڪمپني جو چوڻ آهي ته ان ڊسپلي جي اندر لڪل ڪيمرا جي لاءِ 5 ٽيڪنالاجيز کي پاڻ ۾ ملايو آهي جڏهن هڪ خاص ميٽريل استعمال ڪيو آهي جيئن لينس ۾ لائٽ ان پٽ کي بهتر بڻائي سگهجي.

اهڙي طرح ايڪ ڊوئل ڪنٽرول چپ ۽ ڊرائيور سرڪٽ ڏنو ويو آهي جيڪو فون جي ڊسپلي ۽ رنگن سان گڏ ڪم ڪري ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو آهي ته ڪيمرا ۽ ڊسپلي هڪ ٻئي جي فنڪشن ۾ مداخلت نه ڪري.

انڊر ڊسپلي ڪيمرا لاءِ هڪ نئون شوٽنگ الگورٿم فون جو حصو بڻايو ويو آهي جيڪو روشني جي موجب پاڻ کي گم ڪري تصوير جي معيار کي بهتر بڻائڻ مدد ڏيندو آهي.

ڊسپلي جي اندر هي ڪيمرا 32 ميگا پڪسل جو آهي ۽ ڪمپني موجب پڪسل اريجمنٽ جي ذريعي لينس کي اسڪرين جو حصو بڻايو ويو آهي.

ڪمپني قيمت ۽ موجودگي جي باري ۾ هن وقت تائين ڪو اعلان ناهي ڪيو پر اميد آهي ته هي 5 جي ويزن کان سستو هوندو جنهن جي 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 2198 چيني يوآن (53 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جڏهن ته 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج وارو ويزن 2498 يوآن (60 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جڏهن ته 8 جي بي ريم ۽ 256 جي بي اسٽوريج وارو فون 2798 يوآن (67 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ موجود آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.