شهباز شريف جي ڌيءُ ۽ ناٺي خلاف ريفرنس ٻڌڻي لاءِ مقرر

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي ڌيءُ رابعا عمران ۽ ناٺي عمران يوسف خلاف ريفرنس 9 ڊسمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ورتو.

احتساب عدالت لاهور ۾ نيب طرفان داخل ريفرنس ۾ رابعا عمران، عمران يوسف سميت ٻين تي قومي ناڻي کي 37 ڪروڙ 5 لک 28 هزارن جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.

ريفرنس موجب صاف پاڻي واٽر فلٽريشن پلانٽن جي مد ۾ 13 ڪروڙن کان وڌيڪ جي ڪرپشن ڪئي وئي، سامان جي مهانگن اگهن تي خريداري سبب قومي ناڻي کي 13 ڪروڙ 32 لک رپين جو نقصان پهچايو ويو، جڏهن ته سولر ورڪ جي مد ۾ قومي ناڻي کي 8 ڪروڙ 16 لکن جو نقصان پهچايو ويو.

نيب ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته عمران يوسف پنهنجي اڏاوت هيٺ بلڊنگ صاف پاڻي ڪمپني کي مسواڙ تي ڏني ۽ اڏاوت مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي غير قانوني طور تي مسواڙ وصول ڪندو رهيو، هن قومي ناڻي کي 2 ڪروڙ 37 لکن جو نقصان پهچايو.

ريفرنس ۾ مک جوابدار وسيم اجمل کي به نامزد ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.