بنا اجازت جلسن تي پي ڊي ايم خلاف قانوني ڪارروائيءَ جون تياريون

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت ڪورونا وائرس جي ٻي لهر سبب پي ڊي ايم کي جلسن جي اجازت نه ڏيڻ ۽ جلسن تي قانوني ڪارروائي جي سفارش ڪري ڇڏي.

ڪورونا وائرس جي ٻي لهر کي ڏسندي پنجاب حڪومت پي ڊي ايم جا جلسا روڪڻ لاءِ سفارشون تيار ڪري ورتيون آهن.

قانون واري وزير شروعاتي سفارشون لکيون آهن ته جلسو ٿيڻ جي صورت ۾ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن.

ذريعن موجب پنجاب جي قانون واري وزير وڏي وزير کي شروعاتي سفارشون ڏئي ڇڏيون آهن، جن ۾ پي ڊي ايم کي جلسا نه ڪرڻ ۽ بنا اجازت جلسن تي قانوني ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي.

سفارشن ۾ چيو ويو آهي ته جلسي کان اڳ ڪارڪنن کي 16 ايم پي او تحت گرفتار ڪرڻ ۽ پي ڊي ايم جي اي ۽ بي ڪلاس قيادت گهرن ۾ نظربند ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.

ذريعن موجب پنجاب جي وڏي وزير سفارشن کي وفاق جي اجازت سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.