دوائن جي اگهن ۾ واڌ: عدالت ڊريپ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ جي قائم مقام چيف جسٽس قيصر رشيد دوائن جي اگهن ۾ واڌ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ دوائن جي اگهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران قائم مقام چيف جسٽس قيصر رشيد دوائن جي اگهن ۾ واڌ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

عدالت ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي فهرست پڙهي ٻڌائي، جنهن تي جسٽس قيصر رشيد چيو ته سي اي او صاحب! توهان کي اگهن ۾ واڌ جي خبر ئي ناهي، صبح کان توهان عدالت ۾ غلط بياني ڪري رهيا آهيو، ايڏي وڏي عهدي تي آهيو ۽ عدالت ۾ غلط بياني ڪري رهيا آهيو، ڇو ته توهان جي خلاف ڪارروائي شروع ڪيون.

جسٽس قيصر رشيد چيو ته توهان کي ڪنهن ايڏي وڏي عهدي تي ويهاريو آهي، عوام جي ڏکيائين جو توهان کي احساس ئي ناهي، عوام ۾ ايڏيون مهانگيون دوائون خريد ڪرڻ جي سگهه ئي ناهي.

عدالت چيو ته عوام اڳ ئي مهانگائي سان پريشان هو، دوائن جي اگهن ۾ واڌ ڪري انهن جون ڏکيائيون وڌايون ويون، سي اي او صاحب دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي فهرست تي نظرثاني ڪيو ۽ دوائن کي گهٽ کان گهٽ قيمت تي آڻيو.

جسٽس قيصر رشيد سي اي او ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي کان دوائن جي اگهن ۾ گهٽتائي تي رپورٽ طلب ڪندي عطائي ڊاڪٽرن ۽ غير قانوني ڪلينڪس ۽ ليبز خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏنو ۽ ٻڌڻي 17 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.