خيرپور: لائيو اسٽاڪ کاتي جي ملازمن پاران ڊي جي خلاف احتجاجي ريلي

لائيو اسٽاڪ کاتي جي ملازمن پاران ڊي جي مظفر وگهيو خلاف نيشنل بينڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي ، ريلي  جي اڳواڻي سنڌ پيرا وٽنري اسٽاف ايسوسيئيشن ضلعي خيرپور جو صدر منور حسين سولنگي ،جنرل سيڪريٽري شاهنواز شر، الطاف حسين سولنگي، ذوالفقار کنڊ ،اعجاز علي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته  ڊي جي لائيو اسٽاڪ حيدرآباد مظفر حسين وگهيو پاران ملازمن کي بنا جواز تنگ ڪري جبري بدليو ڪيون پيون وڃن، جيڪي غير آئيني ۽ غير قانوني آهن، هنن سنڌ جي وڏي وزير ،صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ عبدالباري پتافي، سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽِيس وٺي جبري بدليون واپس ڪيون وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.