گمبٽ: 28 نومبر تي سنڌ بار ڪائونسل جي چونڊن ۾ اميدوارن پاران ورڪ مهم شروع

28 نومبر تي سنڌ بار ڪائونسل جي ٿيندڙ اليڪشن ۾ اميدوارن پاران ورڪ مهم شروع ڪئي وئي آهي ، وائيس آف سنڌ لائيرس پينل جي اڳواڻ ۽ خيرپور سيٽ کان اميدوار سينئر قانوندان پير سيد محمد بچل شاھ جيلاني گمبٽ پھچي گمبٽ بار ۽ وڪيلن جي آفيسن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ۽ ملاقاتون ڪيون ۽ وائيس آف سنڌ لائيرس پينل جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي، ان موقعي تي  خيرپور ضلعي کان سنڌ بار ڪائونسل جي اميدوار سينئر قانوندان ايڊووڪيٽ پير سيد محمد بچل شاھ جيلاني ڳالھائيندي چيو ته گمبٽ بار جي وڪيلن پاران ڀرپور موٽ  ملي آهي ، هو  ڪامياب ٿي وڪيلن جي حقن جي حفاظت ڪندو،ان موقعي تي گمبٽ بار جو جنرل  سيڪريٽري ايڊووڪيٽ سيد جابر شاھ جيلاني ،سينئر وڪيل عبدالرحيم ڄامڙو ، امام الدين اڄڻ، ايڊووڪيٽ علي داد ناريجو، ايڊووڪيٽ سيد عاشق علي شاھ، ايڊووڪيٽ فياض حسين خميساڻي ساڻس گڏ هئا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.