غوثپور :ٽريڪٽر چوري ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو

غوثپور ۾ پنج ڏينهن اڳ جمال پوليس پڪٽ جي حد ڳوٺ عبدالرحيم ننداڻي مان ٽريڪٽر چوري ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن پاران  احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي  تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو . ان موقعي تي ڳوٺاڻن جان محمد، غلام حسين نندواڻي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾جمال پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ، ڌرڻي سبب  انڊس هاءِ وي ھڪ ڪلاڪ بند رهڻ سبب سنڌ، پنجاب، بلوچستان سميت 3صوبن جي ٽريفڪ بيھجي وئي، . ڳوٺاڻن توڙي علائقي واسين پاران  آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ کان امن امان ڪرائڻ ۽ ايس ايڇ او کي بدلي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو ، ان موقعي تي موجود ڳوٺاڻن جو مطالبو هو ته انهن جو چوري ٿيل ٽريڪٽر واپس ڪرايو وڃي،  ايس ايڇ او غوثپور احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن وٽ پھچي ٽريڪٽر واپس ڪرائڻ جي خاطري کان پوءِ انڊس هاءِ وي کولرايو ويو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.