ايس ٽي پي جي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف هڙتال ۽ مظاهرا

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائس چيئرمين الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف هڙتال جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ڪاروبار بند رهيا جڏهن ته پارٽي ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرا ڪري قاتلن جو گرفتاري جو مطالبو پڻ ڪيو ويو ،  حيدرآباد جي علائقي  قاسم آباد مڪمل طور  ڪاروبار بند رهيو ،  ٻين علائقن ۾ به جزوي طور هڙتال رهي ،ڀٽائي نگر, نسيم نگر, سحرش نگر, پڪوڙا چوڪ, علي پيلس, شيدي ڳوٺ سميت ٻين علائقن ۾ ڪاروبار نه کليو، نوابشاهه ۾ ايس ٽي پي  جي سڏ تي شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي جڏهن ته پارٽي اڳواڻن پاران انيلا رفيق ملاح، وقار ملاح جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ،جهڏو ۾ جسقم، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ پاران هڙتال جي سڏ تي شهر بند رکيو ويو ،اڳواڻن ممتاز کوسو ، ديشي نياز کوسو، نعيم کوسو، جي اڳواڻي ۾ درجنين ڪارڪنن شهر جو گشت ڪري پرامن احتجاجي مظاهرو ڪيو، شيخ ڀرڪيو شھر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪاروبار بند رهيو جڏهن ته اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري، سيد سارنگ شاه ۽ يوسي جي اڳواڻن بابو اورنگزيب شيخ، گل حسن سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ،ڌاٻيجي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن پاران  احتجاجي مظاهرو ڪري مين نينشل هائي تي ڌرڻو هنيو ويو،اڳواڻن عمر ناهيو ،الهبچايو ڪلمتي ،قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ آصف جوکيو ۽ ٻين مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته الطاف جسڪاڻي جي قتل جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آھي ، سجاول ۾ به ايس ٽي پي جي سڏ تي ڪاروبار بند رکيو ويو ، ممتاز علي لغاري.شيراز ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ، چمبڙ ۾ به ايس ٽي پي جي سڏ تي مڪمل طور شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.