وزيراعظم سان افغان ڪرڪيٽرن جي ملاقات، پاڪ – افغان سيريز جو مطالبو

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سان افغان ڪرڪيٽ ٽيم ملاقات ڪئي ۽ کيس پاڪ – افغان ڪرڪيٽ سيريز ڪرائڻ جي درخواست به ڪئي آهي.

وزيراعظم عمران خان پنهنجي پهرين سرڪاري دوري تي ڪابل ۾ موجود آهي، جتي هن سان افغانستان جي ڪرڪيٽرن ملاقات ڪئي، ان دوران افغان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان وزيراعظم عمران خان کي بيٽ تحفي طور پيش ڪئي.

افغان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان اصغر افغان وزيراعظم عمران خان کان پاڪ افغان ڪرڪيٽ سيريز ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته چاهيان ٿو ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ دوستي سيريز ٿئي، جنهن تي وزيراعظم وراڻيو ته منهنجي به اها ئي راءِ آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ جلد سيريز ٿيڻ گهرجي.

وزيراعظم عمران خان افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي تعريف ڪندي چيو ته اها موجوده دور ۾ سٺي ڪرڪيٽ کيڏي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.