ايراني پاسدارانِ انقلاب سامونڊي جهاز لانچ ڪري ڇڏيو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پاسدارانِ انقلاب هڪ سامونڊي جهاز لانچ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ان سامونڊي جهاز تي هيلي ڪاپٽر، ڊرون جهاز ۽ ميزائل لانچر سَٿي سگهجن ٿا.

جاري ڪيل تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ان جهاز ۾ زمين کان هوا ۾ پنهنجي هدف کي نشانو بڻائڻ وارو نظام به موجود آهي ۽ اينٽي ايئر ڪرافٽ ميزائل دفاعي نظام به.

ان سامونڊي جهاز جو نالو اڳوڻي ڪمانڊر عبدالله روداخي جي نالي تي رکيو ويو آهي.

ڏيڍ سئو ميٽر ڊگهو اهو جهاز نار فارس جي پاڻين ۾ گشت ڪندو ۽ ظاهري طور اهو خطي ۾ ڇڪتاڻ ۽ آمريڪي سامونڊي ٻيڙن جو جواب آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.