ڪراچي: گاڏي ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب 2 سالن جو معصوم سڙي فوت، پيءُ زخمي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي رضويه ۾ هڪ پڪ اپ گاڏي ۾ باهه لڳڻ سبب 2 سالن جو ٻارڙو فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس پيءُ زخمي ٿي پيو.

رضويه واري علائقي ۾ هڪ پڪ اپ گاڏي ۾ اوچتو باهه لڳي پئي جنهن سڄي گاڏي کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو.

واقعي جي وقت ٻارڙو گاڏي جي اڳيان ويٺل هو ۽ امڪاني طور تي ٻار کان گاڏي جا دروازا اندران لاڪ ٿي ويا هئا.

باهه دوران گاڏي جا دروازا کولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر دروازو نه کلي سگهيو ۽ ٻارڙو سڙي فوت ٿي ويو جڏهن ته پٽ کي ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ ان جو پيءُ به زخمي ٿي پيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.