سارا خان جي به ٽڪ ٽاڪ تي انٽري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا سارا خان به مقبول ترين ويڊيو شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ کي جوائن ڪري ورتو.

سارا خان اهڙو اعلان گذريل ڏينهن پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تان ڪيو، هن شيئر ڪيل ميڪ اپ ويڊيو پوسٽ ۾ ٻڌايو ته هاڻ مان به ٽڪ ٽاڪ تي موجود آهيان.

سارا خان پنهنجي پوسٽ ۾ مداحن سان ٽڪ ٽاڪ جي آءِ ڊي به شيئر ڪئي.

ٽڪ ٽاڪ جوائن ڪرڻ جي تصديق کانپوءِ سارا خان مداحن لاءِ ميڪ اپ ايڊڪٽ جي هيش ٽيگ سان هڪ ميڪ اپ ويڊيو به جاري ڪئي، جنهن کي لکين واهپيدار ڏسي چڪا آهن.

واضح رهي ته سارا خان هلندڙ سال گلوڪار فلڪ شبير سان شادي ڪئي هئي ۽ انسٽاگرام تي هن جا 50 لک کان وڌيڪ فالوئر آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.