ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ 2 فوجي جوان شهيد

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ پاڪ فوج جا ٻه جوان شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن ڏکڻ وزيرستان جي علائقي پش زيارت ۾ رات دير سان سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو ته پاڪ فوج جي اهلڪارن ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه جوان حوالدار مطلوب عالم ۽ سپاهي سليمان شوڪت شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان مقابلي ۾ هڪ جوان زخمي به ٿيو، جڏهن ته علائقي جو گهيرو ڪري ڪليئرنس آپريشن شروع ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.