نوابشاهه : سنڌ پيرا وٽرنري اسٽاف ايسوسي ايشن جي سڏ تي ملازمن جو مظاهرو

سنڌ پيرا  وٽرنري اسٽاف ايسوسي ايشن جي مرڪزي سڏ تي شھيد بينظيرآباد جي لائيو اسٽاڪ کاتي جي ملازمن پاران اصغر علي ڀٽي، امير الدين مگسي، اسماعيل لاکو، عزيز الله سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ان  موقعي تي اڳواڻن الزام هڻندي چيو ته لائيو اسٽاڪ سنڌ جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مظفر علي وگھيو ھڪ ڪرپٽ ۽ ملازم دشمن آفيسر آھي جيڪو ملازمن کي بناجواز تنگ ڪري رهيو آهي  ۽ هو جبري طور تي بدليون ڪري انھن کي دربدر ڪري رھيو آھي ، ھنن وزير اعليٰ سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ملازم دشمن آفيسر لائيو اسٽاڪ سنڌ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مظفر علي وگھيو خلاف ڪارروائي ڪري ملازمن جي ان مان جند ڇڏائي وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.