ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب پنجاب جي وڏن شهرن ۾ وري لاڪ ڊائون

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت ڪورونا جي ٻي لهر دوران وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ سبب 6 شهرن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائي ڇڏيو.

صوبائي سيڪريٽري صحت محمد عثمان موجب لاهور، راولپنڊي، سرگوڌي، بهاولپور، ڀڪر ۽ ملتان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي، جيڪو 28 نومبر تائين جاري رهندو.

سندس چوڻ هو ته لاڪ ڊائون وڌيڪ ڪورونا ڪيسن وارن علائقن ۾ هنيو ويو آهي، جتي شاپنگ مال، ريسٽورنٽ، نجي ۽ سرڪاري آفيسون بند رهنديون، جڏهن ته انهن علائقن ۾ ماڻهن جي چرپر محدود ۽ هر قسم جي ميڙاڪي تي پابندي هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.