ڪورونا ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ وڌيڪ تعليمي ادارا بند

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر سبب وڌيڪ تعليمي ادارا بند ڪيا ويا آهن.

صوبائي حڪومت جي پڌرائيءَ موجب شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شرينگل دير بالا ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن تي 4 شعبن کي 5 ڏينهن لاءِ بند ڪيو ويو آهي.

جيڪي شعبا بند ڪيا ويا آهن، انهن ۾ ڪمپيوٽر سائنس، جيالاجي، ايگريڪلچر ۽ بائيو ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ شامل آهن پر انهن ۾ آن لائن ڪلاسون جاري رهنديون.

هوڏانهن ڊگري ڪاليج نوشهرا کي به شاگردن، استادن ۽ ملازمن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق کانپوءِ بند ڪيو ويو آهي.

انتظاميا موجب ڪاليج 27 نومبر تائين بند رهندو ۽ ان حوالي سان شاگردن کي آگاهه ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.