لڳاتار چوٿين مهيني ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو سرپلس رهيو آهي: اسد عمر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته لڳاتار چوٿين مهيني ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو سرپلس رهيو آهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اسد عمر ٻڌايو ته آڪٽوبر جي مهيني ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ 38 ڪروڙ 20 لک ڊالر سرپلس رهيو ۽ اهو مسلسل چوٿين مهيني ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس رهيو آهي.

هن چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت کي ڪرنٽ اڪائونٽ ماهوار 2 ارب ڊالر خسارو مليو هو پر هن سال مجموعي طور تي ڪرنٽ اڪائونٽ هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر سرپلس رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.