”بلاول ماڻهن جي ذهنن ۾ شڪ شبها پيدا نه ڪري“

گلگت بلتستان(ويب ڊيسڪ) چيف اليڪشن ڪمشنر گلگت بلتستان راجا شهباز جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو ماڻهن جي ذهنن ۾ شڪ پيدا نه ڪري.

پريس ڪانفرنس ۾ چيف اليشن ڪمشنر گلگت بلتستان راجا شهباز جو چوڻ هو ته سياستدان ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام هڻڻ کان پاسو ڪن، جي بي جي عوام ۾ غلط فهميون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي  ان ڪري قانون کان هٽي ڪا به شئي آهي ته ثبوت ڏيو، الزام هڻندڙ جي ڀرپور مذمت ڪيان ٿو.

چيف اليڪشن ڪمشنر گلگت بلتستان چيو ته گورنر سان گڏجي سوشل ميڊيا تي وائرل تصوير آگسٽ 2019ع جي آهي، بلاول ڀٽو کي ڪوڙيون ڳالهيون نٿيون سونهن، بلاول ڀٽو ماڻهن جي ذهنن ۾ شڪ شهبا پيدا نه ڪري. هن چيو ته پيپلز پارٽي ڊي سي جي قانون واري آفيس جو دروازو کڙڪائڻ نه پر ٽوڙڻ وئي هئي، جيڪڏهن هو منهنجي سامهون اچي ها ته پنهنجي آڏو ري ڪائونٽنگ ڪرايان ها.

چيف اليڪشن ڪمشنر گلگت بلتستان چيو ته جي بي جي تڪ نمبر 2 ۾ ٻيهر ڳڻپ ٿي، ري ڪائونٽنگ ۾ هڪ هڪ ووٽ جي ڪائونٽنگ امجد ۽ فتح جي سامهون ٿي، امجد حسين پنهنجي تڪ ۾ 11 هزار کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا، امجد حسين ٻڌائي ڇا هن 11 هزار کان وڌيڪ ووٽ ڌانڌلي سان ورتا آهن، رزلٽ تبديل ڪرڻ واريون ڳالهيون بي بنياد آهن.

راجا شهباز چيو ته جسٽس علي بيگ جي سربراهي ۾ اليڪشن ٽريبونل قائم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو سڀاڻي کان ڪم شروع ڪندو، جنهن کي شڪايت يا ڪو مسئلو آهي ته هو اليڪشن ٽريبونل سان رابطو ڪري، اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي کان پوءِ ري پولنگ ۽ ري ڪائونٽنگ ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.