ڪورونا وبا: آزاد ڪشمير ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان، اسڪول به بند

ميرپور(ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وبا جي ٻي لهر کي نظر ۾ رکندي 15 ڏينهن لاءِ مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ويو آهي.

تفصيل موجب آزاد ڪشمير جي سمورن ضلعن ۾ 15 ڏينهن جي لاءِ مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب آزاد ڪشمير جي سمورن ضلعن ۾ بيڪ وقت لاڪ ڊائون هوندو، رڳو لازمي خدمتن جا شعبا ايس او پيز جي تحت پنهنجون سرگرميون جاري رکندا، سرڪاري آفيس ۾ 50 سيڪڙو حاضري رکي ويندي، سمورا واپاري مرڪز، مارڪيٽون، بازارون، سرڪاري توڻي نيم سرڪاري ۽ خانگي آفيسون ۽ تعليمي ادارا به بند رهندا. انٽري پوائنٽس تي سخت اسڪريننگ جو عمل هوندو، مذهبي اجتماعن ۽ جنازي نماز مڪمل ايس او پيز جي تحت ٿيندي، شادي ۽ ٻين تقريبن تي مڪمل پابندي هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.