اوٻاوڙو لڳ ايم فائيو موٽر وي تي حادثو ، نينگري سميت 2 ڄڻا فوت،12 زخمي

اوٻاوڙو لڳ حسو ڊرهو وٽ ايم فائيو موٽر وي تي رات دير سان  تيز رفتار مسافر ڪوچ جي ٽرالر کي پويان زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ڇهن سالن جي نينگري رتبا ۽ نوجوان سليمان موقعي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته 12 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا ، اهڙي حادثي کان پوءِ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن پهچي موٽري پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن کان پوءِ ريسڪيو ٽيمن امدادي ڪارروايون ڪري زخمين کي رحيم يار خان اسپتال پهچايو جتي پنجن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جڏهن ته زخمين ۽فوتين جو تعلق سوات سان ٻڌايو پيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.