قمبر: سرسو جي ناانصافين خلاف ڳوٺ جمعو خان چانڊيو جي عورتن جو احتجاج

سرسو جي ناانصافين خلاف ڳوٺ جمعو خان چانڊيو جي متاثر عورتن جي چيئر پرسن مسمات منور خاتون چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، مظاهري ۾ قمبر سٽيزن فورم، ضلعو سينگاريو ڪميٽي ۽ فرينڊس ويلفيئر اينڊ ڊولپمينٽ سوسائٽي جي اڳواڻن عورت سان يڪجهتي طور احتجاج ۾ شرڪت ڪئي ، هنن اعليٰ اختيارين کان سرسو ذميوارن جي ڪيل ڪرپشن  خلاف تحقيقات جي گهر ڪئي، ان موقعي تي سجاڳ رانوتي ڪميونٽي جي متاثر چيئرپرسن مسمات منور خاتون چيو ته  سرسو جي اسد جتوئي، ڪاشف جوڻيجي ۽ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي ملي ڀڳت سان، انهن کان چيڪ بڪ ۽ مھرون زبردستي پنهنجي قبضي ۾ وٺي، ڳوٺ ۾ قائم ڪيل ڪميونٽي جي بئنڪ اڪائونٽ مان سرسو آفيس جي ملازمن جا لکين روپيا جعلي صحيحن سان ڪڍرايا پيا وڃن .هن مطالبو ڪيو ته سرسو جي ڪرپٽ ۽ بليڪ ميلر ذميوارن خلاف قانون ڪاروائي ڪري متاثر عورتن کي انصاف ڏياريو  وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.