ايس ٽي پي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف مختلف شهرن ۾هڙتال ۽ مظاهرا

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف  ٽنڊو الهيار سميت  سنڌ جي مختلف شهرن ۾هڙتال ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ، ٽنڊوالهيار ۾ مڪمل طور شٽر ڊائون رهيو ، شهر جا سڀ ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل بند رکيا ويا، واقعي خلاف ايس  ٽي پي ڪارڪنن ۾ تاءُ پکڙيل رهيو ، ڪنهن به اڻوندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لا۽ پوليس جا اٽالا شھر جي چپي چپي تي مقرر ڪري  پوليس پڪٽون قائم ڪيون ويون ، بدين ۾ مڪمل طور شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي ،  ايس ٽي پي  اڳواڻن شاھنواز سيال، انور کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي قاتلن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو ،تنگواڻي ۾ به ڪاروبار بند رکي جعفرآباد روڊ کان ريلي ڪڍي وئي،  جنهن جي اڳواڻي  شربت نندواڻي، الهداد گبول۽  امام بخش سنڌي  ڪئي ،شھدادڪوٽ شهر ۾ به شٽر بند هڙتال ڪئي وئي ڪارڪنن  ڪاريون پٽيون ٻڌي پريس ڪلب کان ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ٽائرن کي باه ڏئي ڌرڻو هنيو،  ڪامريڊ حيات تنيو، شبير مگسي، امداد سومرو، رشيد مگسي ۽ ٻين جو چوڻ هوته  الطاف جسڪاڻي ڌرتيء  جو غيرتمند ۽ بهادر پٽ هو ، سندس قتل  قومي سياست ۽ سنڌ جو نقصان آھي، سڪرنڊ ۾ به ايس ٽي پي جي ڏنل  شٽر بند هڙتال جي سڏ کي ڀرپور موٽ ڏيندي شهر بند رکيو ويو ، ڪارڪنن عبدالقادر جيلاني ،  ايوب کوسو ، حسين بخش ڪيريو ، اختر مگسي ۽ شاهنواز ڪيريو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ،جروار ۾ ايس ٽي پي جي  اعلانيل پر امن ھڙتال جي سڏ  تي شهر جا ڪاروباري علائقا بند رکيا ويا جڏهن ته  ايس ٽي پي ڪارڪن  عاجز ، علي گوھر ۽ ماجد گبول پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهه ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، ڪلوئي ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ ڪامريڊ گل حسن لنڊ، خالد لنڊ ،مولابخش بجير فيض محمد لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو ، ڏهرڪي ۾  شٽر بند هڙتال ڪئي ويئي ۽ ڪاروبار مڪمل طور تي بند رکيو ويو ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن ڄام معشوق سميجو ، آفتاب شر،  ظفر سميجو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ، شيخ ڀرڪيو ۾ مڪمل هڙتال ڪري ڪاروبار بند رکيو ويو جڏهن ته  روڊ تان گاڏيون به غائب رهيون،  ڪارڪنن ڊاڪٽر آحمد نوناري، بابو اورنگزيب شيخ  ۽ ٻين جي  اڳواڻي۾ احتجاجي مظاهرو  ڪري ڌرڻو هنيو ، مٺياڻي ۾ شٽر بند هڙتال رهي  جڏهن ته ڪامريڊ حبيب الله مشوري ۔ فياز شيخ ۔ معشوق کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو، کوسڪي شھر ۾مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي ٺٽي ۾ به مڪمل هڙتال رهي ، جتي سمورا ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا ، ايس ٽي پي جي ڪارڪنن عثمان ھنڱورو، صاحب ڏنو سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ، ڪوٽڙي ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي،  ايس ٽي پي ضلعي اڳواڻ ارشاد پنهور، يونس اوٺو، امجد مستوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ايس  ٽي پي جي هڙتال پرامن آهي ، جنهن کي سنڌي ماڻهن ڀرپور موٽ ڏني آهي هنن چيو ته ايس ٽي پي جي هڙتال پر امن آهي، سنڌي ماڻهن ڀرپور موٽ ڏني آهي، وائيس  چيئرمين الطاف جسڪاڻي  جو قتل انتهائي افسوس ناڪ آهي سندس خون رائگان نه ويندو. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.