”فوج جي خلاف ڳالهائيندڙ وزير اعظم جي مخالفت نه پر خدمت پيا ڪن“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ووٽ جي عزت کي اليڪشن ۾ شڪست قبول نه ڪندڙن کان سخت خطرو آهي ۽ فوج جي خلاف ڳالهائيندڙ ماڻهو وزير اعظم جي مخالفت نه خدمت پيا ڪن.

ڪراچي ۾ سرڪلر ريلوي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته 25 سالن کان پوءِ ڪي سي آر هلڻ واري آهي، سڄو ڪريڊٽ چيف جسٽس، عمران خان، سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان ريلوي جي ملازمن ڏانهن وڃي ٿو،  سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سڀني کي چاٻي ڏني ته ڪم ٿيو.

ريلوي واري وزير چيو ته ڏاڍي وڏي قبضا مافيا ريلوي ٽريڪ تي قابض آهي، ڪراچي ۾ جيترو به قبضو آهي هڪ سال ۾ ختم ڪنداسين، اسان کي قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ سياسي سپورٽ نه پئي ملي، ريلوي جي زمين تي قبضو ڪندڙ 25 سال کان پوءِ اِهو مڃڻ لاءِ تيار ناهي جو زمين ريلوي جي آهي، ماڻهو ٽرين جا صابڻ به چوري ڪري ويندا آهن، ڊسٽريبيوشن ڪندڙ سڀ کان وڌيڪ چوري ڪندو آهي.

شيخ رشيد چيو ته هڪ سال جي اندر سرڪلر ريلوي کي مڪمل ماڊرن ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت اوور هيڊ برج جي تعمير جو ٽينڊر ايف ڊبليو او کي ڏئي ڇڏيو آهي، جيئن جيئن ڦاٽڪ ۽ اوور پاس تعمير ٿيندا ٽريڪ وڌندو ويندو، ڪي سي آر جي بحالي ۾ ڪنهن سياسي پارٽي طرفان سياسي سپورٽ نه پئي ملي، سنڌ حڪومت کي مڪمل سهڪار فراهم ڪري رهيا آهيون، ڪراچي کان ميرپوخاص مهران ايڪسپريس به هلڻ لاءِ تيار آهي.

ريلوي واري وزير وڌيڪ چيو ته ن ليگ ۾ سمجهه هجي ها ته هو پنهنجي نظريي تي غور ڪري ها، شبر زيدي تي الزام کان پهرين مولانا فضل الرحمان کي سوچڻ گهرجي ها، مولانا فضل الرحمان کي چوان ٿو ته ن ليگ وارا توهان کي خراب ڪندا، جيڪي فوج جي خلاف پيا ڳالهائن اُهي عمران خان جي خدمت پيا ڪن مخالفت نه.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.