جماعت الدعوت جي سربراهه حافظ سعيد کي دهشتگردي جي ڏوهه ۾ وڌيڪ ساڍا 10 سال قيد

لاهور(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي انت واري عدالت پابندي مڙهيل تنظيم جماعت الدعوت جي سربراهه پروفيسر حافظ محمد سعيد کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

لاهور ۾ جج ارشد حسين ڀٽا جي عدالت سي ٽي ڊي طرفان داخل ڪيس نمبر 19/16 ۽ 19/25 تي فيصلو ٻڌائيندي حافظ سعيد سميت چار ڄڻن کي ٻن ڪيس ۾ قيد جون سزائون ٻڌايون.

حافظ محمد سعيد، پروفيسر ظفر اقبال ۽ يحيٰ مجاهد کي ساڍن ڏهن ڏهن سالن جي سزا ٻڌائي جڏهن ته پروفيسر حافظ عبدالرحمان مڪي کي 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

پروفيسر حافظ محمد سعيد جولاءِ 2019ع کان گرفتار آهي ۽ هن جي خلاف هن وقت تائين چار ڪيسن ۾ فيصلا ٻڌايا ويا آهن. جماعت الدعوت جي اڳواڻن جي خلاف سي ٽي ڊي طرفان ڪل 41 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جنهن مان 24 ڪيسن جا فيصلا ٿي چڪا آهن جڏهن ته باقي اي ٽي سي عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.