چوڌري نثار آرمي چيف جي عهدي ۾ واڌ بابت جنرل راحيل جي دعويٰ رد ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيئر سياستدان چوڌري نثار علي خان اڳوڻي آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته هن ن ليگ جي حڪومت دوران شهباز شريف سان گڏجي کيس آرمي چيف جي عهدي ۾ واڌ ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي.

اڳوڻي گهرو وزير موجب ان کان به وڌيڪ کِل جوڳي ڳالهه اها ته اسان کيس فيلڊ مارشل جو عهدو ڏيڻ جي تجويز پيش ڪئي.

واضح رهي ته چوڌري نثار 2018 جي عام چونڊن ۾ پارٽي جي سينيئر قيادت سان اختلافن سبب ن ليگ ڇڏي ڏني هئي.

چوڌري نثار دي نيوز ۾ ڇپيل اسٽوري ”ڇا راحيل شريف نواز شريف کان واڌ گهري هئي“ جو جواب ڏنو آهي، جيڪا اسٽوري گذريل هفتي شايع ٿي.

ليفٽيننٽ جنرل امجد شعيب، جنرل راحيل جي حوالي سان ٻڌايو ته هو ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف ۽ ن ليگ جي هڪ ٻئي اهم اڳواڻ سان ملاقات کانپوءِ پي ايم آفيس کان روانو ٿي رهيو هو ته هن سان شهباز شريف ۽ چوڌري نثار رابطو ڪيو، جن کيس عهدي ۾ واڌ جي آڇ ڪئي.

راحيل شريف، شعيب کي ٻڌايو ته شهباز ۽ نثار چيو هو کيس آرمي چيف جي حيثيت سان واڌ ڏيڻ چاهين ٿا.

جنرل شعيب موجب هن ان ڪري واڌ نه پئي چاهي، ڇو ته هو ڪيترائي مهينا اڳ چئي چڪو هو ته 3 سالن جو عرصو پورو ڪرڻ کانپوءِ ملازمت جاري نه رکندو.

شعيب چيو هو ته راحيل موجب جڏهن هن ڪيٻايو ته کيس فيلڊ مارسل جي عهدي جي آڇ ڪئي وئي، جيڪا هن رد ڪري ڇڏي، ڇو ته هن اهڙو عهدو وٺڻ نه پئي چاهيو، جنهن ۾ هو سربراهه ته هجي پر هن وٽ ڪرڻ لاءِ ڪو ڪم نه هجي.

سٺي ساک رکندڙ سياستدانن ۾ شمار ٿيندڙ چوڌري نثار ان حوالي سان چيو آهي ته مان واضح لفظن ۾ انهن ڳالهين جي ترديد ڪرڻ چاهيندس، جيڪي دي نيوز جي 15 نومبر جي اشاعت ۾ منهنجي حوالي سان مسٽر انصار عباسي جي آرٽيڪل ۾ لکيون ويون آهن.

سندس موجب اهو چوڻ غلط آهي ته شهباز شريف سان گڏجي مان مسٽر راحيل شريف کي واڌ جي آڇ ڪئي هئي، مان ائين ڪيئن ٿو ڪري سگهان جڏهن مون وٽ اختيار نه هجي ۽ نه وزيراعظم ان حوالي سان مون کي ڪا اٿارٽي ڏني هئي.

هن چيو سڀ کان وڏو ڀوڳ ته اهو چوڻ آهي ته اسان فيلڊ مارشل جي عهدي جي آڇ ڪئي هئي، ان معاملي تي ڪا آڇ ته پري جي ڳالهه، اها تجويز به اسان جي ذهن ۾ نه آئي.

اڳوڻي گهرو وزير چيو ته اها شاندار تجويز ڪنهن سامهون آندي ۽ اعليٰ سطح تي سول ملٽري اجلاس ۾ ڪنهن ڇا چيو هو، ان تي في الحال نٿو ڳالهائڻ چاهيان پر هن تصديق ڪئي ته چئن سينيئر سويلين شخصيتن (وزيراعظم نواز شريف، شهباز شريف، چوڌري نثار ۽ اسحاق ڊار) جي راحيل شريف جي قيادت ۾ ٽن ملٽري عهديدارن سان ملاقات ٿي هئي، جنهن ۾ رڳو واڌ جي ايشو تي ڳالهه ٻولهه ٿي.

هن چيو ته اهي انتهائي حساس سرڪاري معاملا آهن ۽ اسان کي ”هِن هي چيو، هُن هو چيو“ جهڙين ڳالهين ۾ نه پوڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.