خالد محمود سومرو سنڌ لاءِ سر ڏنو:رزاق لاکو

مٽياري (ن ع آ ) جمعيت علماء اسلام جي مرڪزي سالار عبدالرزاق عابد لاکو مٽياري پهچي سينيئر سياسي سماجي اڳواڻ پير عبدالوهاب سرهندي سان سندس اهليه جي وفات تي تعزيت ڪئي ان موقئي تي جي يو آء اڳواڻ عبدالرزاق عابد لاکو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد خالد محمود سومرو اسلام ۽ سنڌ جي حقن جي لاء پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو هن چيو ته شهيد خالد سومرو هر ايوان تي اسلام جو دفاع ڪيو ۽ ملڪ پاڪستان ۾ امن لاء ڪوششون ڪيون هن چيو ته  لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ شهيد اسلام ڪانفرنس ۾ عاشقان سنڌ ۽ غلامان اسلام لکن جي تعداد ۾ شريڪ ٿي شهيد خالد سومرو کي خراج تحسين پيش ڪندا، هن چيو ته 26،نومبر واري ڪانفرنس ۾ پي ڊيم ايم رهنما قائد جمعيت مولانا فضل الرحمان سميت مرڪزي ۽ صوبائي اڳوان ۽ عالم  خطاب ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.