مسو ڀرڳڙي لڳ روڊ ٽٽل، مسافر پريشان

مسوڀرڳڙي (ن ع آ ) مسوڀرڳڙي وايه مريد سپيو ڳوٺ تائين لنڪ  روڊ ڀلڳل ٽٽل هئڻ ڪري گوڏي جيڏا کڏا پوڻ ڪري گاڏين توڙي عام ماڻهون جوهلڻ به مشڪل بڻجي ويو آھي روڊ ۾ کڏا هئڻ ڪري وزسان ڀريل ٽرڪ,مزدا گاڏايون پڻ ڪلٽي ٿيون آھن پر انتظاميا اڃاتائين ڪوبه ڌيان ناهي ڏنو روڊ اهڙي حالت هئڻ ڪري بيمارمريض  اسپتال  پهچڻ کان اڳ ئي رستي ۾ فوت ٿي وڃن ٿاجڏھن ته   مسوڀرڳڙي وايه مريد سپيوڳوٺ جو هي روڊ مختلف ڳوٺن کي  ملائڻ جوزريعوبڻيل آھي  جنهن ۾  شھداد خان بروھي ڳوٺ تاج محمد ابڙو ڳوٺ قاسم ساند ڳوٺ بچل ساند ڳوٺ ھوت خان جکرو ڳوٺ خدابخش جوڻيجو ڳوٺ تاج محمد جوڻيجو ڳوٺ مريد سپيو سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جي ماڻھن اچ وڃ رهي ٿي روڊ مڪمل زبون حالت جوشڪاربڻيل آھي  روڊ لاء ڪيترائي دفعاٽينڊر پڻ اچي چڪاآھن پراهي روڊس کاتي فائلن ۾ ڪاغذي ڪاروائي ۾ ٺاهي ڏيکاري پورا ٿاڪياوڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.