چمبڙ ۾ ٽي بي جي ڪئمپ لڳائي مفت چڪاس

چمبڙ (رپورٽ:خالد صديقي) چمبڙ جي فيڪٽري ڪالوني ۾ اين آر ايس پي ء ڪميونٽي ھيلٿ ساليوشن پاران ھڪ ڏينھن جي مفت ٽي بي جي چڪاس جي ڪيمپ جو انعقاد ڪيو ويو، جنھن م اين آر ايس پي جي ڊسٽرڪٽ پروگرام آفيسر فوزيا خاصخيلي ڪميونٽي ھيلٿ ساليوشن جي ڊسرڪٽ مينجر رضوان عباسي ، تعلقي چمبڙ اين آر ايس پي انچارج اسلم ٻگھيو،سرمد درس، رشيدا لغاري ء سھيل جروار، ڊاڪٽر شھنيلا، ڊاڪٽر دلدار حسين مغل جي نگراني م آيل ماڻھن جي TB چڪاس ڪري ايڪسري ء بلغم جون ٽيسٽون ڪيون ويو جڏھن تہ ھن موقعي تي ڪميونٽي ھيلٿ ساليوشن جي ڊسٽرڪٽ مينجر ء اين آر ايس پي ڊسٽرڪٽ پروگرام آفيسر فوزيہ خاصخيلي ميڊيا سان ڳالھيندي چيو تہ گورمنٽ سنڌ جي سھڪار سان اين آر ايس پي، ء سي ايڇ ايس پاران ضلعي ٽنڊوالھيار م 80 ھزار ماڻھن جي  TB چڪاس ڪۂي ويندي ء TB جي مريضن کي 6 مھينن جو مفت TB ڪورس فراھم بہ ڪيو ويندو  اسان جلد ٽنڊوالھيار ضلعي م ھڪ سينٽر پڻ قاۂم ڪنداسون جتي مريضن جي مفت TB چڪاس ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.