سجاول ۾ ايس ٽي پي ۽ مگسي برادري طرفان احتجاج

سجاول (ڊ ر)سجاول ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ مگسي برادري پاران 2 هفتا اڳ دڙي ڀرسان قتل ٿي ويل رٽائرڊ تپيدار ڏتل خان مگسي جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار محمد بخش مگسي کي پوليس پاران گرفتار نه ڪرڻ خلاف ايس ٽي پي ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ سيد جلال شاھ ۽ مقتول جي پٽ احسان مگسي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، انهي موقعي احتجاج ڪندڙ قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪندي چيو ته ڏتل مگسي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار محمد بخش مگسي کي ٻنون پوليس گرفتار نٿي ڪري جيڪا سراسر زيادتي ۽ ناانصافي ڪئي پئي وڃي، هنن آئي جي سنڌ پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته ڏتل مگسي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجن جو دائرو وڌايو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.