حيدرآباد ۾ دادو واسي همراهه جون زمين تي قبضي خلاف دانهون

حيدرآباد(رپورٽر) دادو جي علائقي درگاهه مخدوم بلاول جي رهواسي ڪامريڊ انور پنهور زمين تي قبضي جي ڪوشش خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي الزام هنيو ته سندس والد گل محمد پنهور جي ديهه مخدوم بلاول ۾ 14 ايڪڙ زرعي زمين جا علائقي جو هڪ بااثر زميندار، روينيو کاتي مان ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي اها زمين وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، وٽس زمين جا ڪاغذ موجود آهن، زمين تي زبردستي قبضو ڪيو پيو وڃي. هن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته زمين تي قبضي جي ڪوشش  ڪندڙ وڏيري ۽ مختيارڪار دادو خلاف سخت ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.17

پٻڻ پوليس پڪڙيل 5 ڄڻا پڌرا نه ڪيا، احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) پٻڻ ٿاڻي جي حد مان 14 ڏينهن اڳ مبينه کنڀي گم ڪيل 5 گهرڀاتين جو اڃا تائين پتو نه پيو، گم ڪيل 3 مردن ۽ 2 عورتن جي گرفتاري ظاهر نه ڪرڻ خلاف سندن وارثن حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري دوران ماڻهو ظاهر نه ڪرڻ جي صورت ۾ مسمات عنايتان خاتون پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. مسمات عنايتان جو چوڻ آهي ته 4 نومبر جي رات جو 2 پوليس موبائلن ۽ هڪ ڊوم وين گاڏي ۾ سوار پوليس اهلڪارن سندن گهر تي چڙهائي ڪئي، اهلڪارن عورتن ۽ ٻارڙن مٿان سخت تشدد ڪيو ۽ سندن ماڻهن فضل قادر سولنگي، 8 سالن جي رابيل علي، 13 سالن جي رمضان علي، مسمات گلستان ۽ مسمات ملوڪان خاتون کي کنڀي کنيو ويو ۽ گهر مان 4 ٻڪريون، 2 ڍڳيون ۽ 2 عدد موبائل فون پڻ پوليس اهلڪار کڻي ويا آهن، هاڻي پوليس سندن گرفتار ڪيل ماڻهن کي ظاهر نٿي ڪري، کين ڊپ آهي ته پوليس ڪوڙو مقابلو ڏسي سندن ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيندي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندن ماڻهو ظاهر ڪيا وڃن. ٻي صورت ۾ هوءَ انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿيندي.17

برادري جي ڀلائي لاءِ ماڻهن کي متحد ڪيو ويندو: محمد علي کوسو

بهوٽڪي(ڊ ر) کوسا اتحاد پاڪستان جي مرڪزي چيئرمين مير محمد علي کوسي چيو آهي ته ٻڌي ۾طاقت آهي، برادري جي ڀلائي لاءِ سڄي ملڪ جي کوسا برادري کي متحد ڪيو ويندو، اهڙو اظهار هن گهوٽڪي ۾ کوسا اتحاد سکر ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري عبدالرحمان کوسي پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو،مير محمد علي کوسي چيو ته کوسا برادري کي منظم ڪرڻ لاءِ جيڪي به ڪوششون ڪرڻيون پيون، اهي ڪنداسين، برادري منظم نه هجڻ سبب نقصان کي منهن ڏنو آهي، اسان کي پنهنجا حق نه ملي سگهيا آهن، ان موقعي تي غلام عباس کوسو، ڊاڪٽر اسد علي کوسو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.