لطيف سائين جي هر سر ۾ ڪونه ڪو سبق سمايل آهي: اقرار پيرزادو

راضيديرو ( ن ع آ ) ثقافتي قومي عيد جي سلسلي ۾ راضيديرو ۾ ثقافت جا رنگ نکري پيا آهن. بزم استاد بخاري راضيديرو پاران نامياري ، جاکوڙي ۽ محنتي استاد ثناءُ الله جکڙ جي 54 هين سالگرهه تي ڪيڪ ڪاٽي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي حضرت شاهه عبداالطيف ڀٽائي جي سرن مان ” سسئي جو سنيهو ۽ ڪردار“ جي سري هيٺ فڪري ويهڪ ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ اديبن، ليکڪن، سگهڙن، استادن، صحافين ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اديبن اقرار پيرزادو، نذير سروهي، استاد علي گل کهڙو، علي حيدر کهڙو، ساهه شيخ، بشارت ناريجو، محمد صابل ناريجو، اسلم ٻڌ، حسين تبسم، ڀون ڪمار، ساگر ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته لطيف سائين جي هر سر ۾ ڪونه ڪو سبق سمايل آهي، لطيف سائين جي رسالي جي ڪري سنڌي ٻولي محفوظ آهي. سر سسئي ۾ سسئي جو سنيهو اهو آهي ته هميشه ارادا پختا ۽ اٽل هجن ۽ پوءِ انهن مضبوط ۽ اڏول ارادن اڳيان جبل به ٽٽي پون ٿا. هنن چيو ته لطيف سائين جي سرن ۾ عورتن کي وڌيڪ سر ان ڪري مليل آهن ته جيئن اسان عورتن جي قدرن کي سمجهي انهن کي به پنهنجا حق ڏيون. انهن جي عظمت کي سمجهي سگهون. سماج ۾ عورتن سان بيحد ظلم ڪري کين بنيادي حقن کان به پري رکي سندن جائز حق به غضب ڪيا پيا وڃن جيڪا ناانصافي آهي. هنن چيو ته سر سسئي اهو ئي پيغام ڏئي ٿو ته محنتون ڪشالا ڪري به پنهنجي ارادي تان نه هٽجي تڏھن پوءِ ئي ماڻھو پنهنجي منزل ۾ ڪاميابي ماڻي سگهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.