اسلام ڪوٽ ۾ پڙي جو ٺيڪو بااثرن کي ڏيڻ خلاف احتجاج

مٺي(بيورو) اسلام ڪوٽ شهر ۾ اريع ۽ خميس ڏينهن تي لڳندڙ مال پڙي جو ٺيڪو ختم ٿيڻ بعد ٻيهر ٽينڊر باوجود نئون ٺيڪو ناهي ٿي سگهيو،جنهن سبب تازو مال پڙي انتظاميا جي ملي ڀڳت عيوض نوابشاھ ضلعي جي بااثرن حوالي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،اُنهي سلسلي ۾ مقامي مال پڙي جي ٺيڪيدارن،واپارين ۽ مالوندن پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،اُنهي موقعي تي حنيف هنگورجو،امجد جوڻيجو،اظهر علي جوڻيجو،اصغر علي جوڻيجو،جمن جوڻيجو،عبدالحڪيم لنجو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته مال پڙي جو ٺيڪو قانوني طور ختم ٿي ويو آهي،جنهن بعد پڙي اسان هلائيندا هئاسين ۽ هر پڙي تي ٽي لک روپيا انتظاميا وٽ جمع ڪرائيندا هئاسين،پر اڄ کان انتظاميا پڙي غيرقانوني طريقي سان نوابشاھ جي بااثر ماڻهن حوالي ڪري ڇڏي آهي،جيڪو غيرقانوني طريقي وصولي ڪري رهيا آهن،اسان جي پڇڻ تي انتظاميا پوليس وٺي اسان کي ڌمڪايو آهي،هنن الزام هڻندي چيو ته اسان ٻُڌو آهي انتظاميا ڏيڊ لک عيوض في پڙي من پسندن حوالي ڪئي آهي،جيڪو اسان جي مقامي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو آهي. هنن انصاف جي گهر ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.