عمران خان يهودين جو ايجنٽ آهي: ناصر محمود

باڊهه (ن ع آ ) جميعت علماءِ اسلام تعلقي ڏوڪري جي مجلس عمومي جو اجلاس ٿي گذريو جنهن جي صدارت جي يو آئي اڳواڻ علامه ناصر محمود سومرو ڪئي جڏهن ته مهمانن ۾ علامه محبت علي کهڙو, مفتي نصير احمد ڀٽو, محمد عثمان جهتيال شامل هئا۔  اجلاس ۾ 26 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ جي يو آئي سنڌ جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل شھيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ورسي جي موقعي تي منعقد "شهيد اسلم ڪانفرنس” ۾ شرڪت ڪرڻ جي حوالي سان خصوصي طور غور ويچار ڪيو ويو۔ ان موقعي تي علامه ناصر محمود سومرو خطاب ڪندي چيو آهي ته عمران خان يهودين جو ايجنٽ آهي، هو نه صرف ملڪ کي ڪمزرو ۽ معاشي طور تباهه ڪري رهيو آهي پر ملڪ کي ٽوڙڻ جي سازش ۾ رڌل آهي. عمران خان جي اچڻ سان انڊيا ڪشمير تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪشمير جا اهي ڀائر جيڪي 70 سالن کان وٺي آزاديءَ جي جنگ وڙهي رهيا هئا اهي اڄ ڪسمپرسي واري زندگي گذاري رهيا آهن. پاڪستان مان هڪڙي ٽيبليٽ به اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي نه ٿا ڏئي سگهون، انهن جي حمايت ۾ آواز بلند نه ٿا ڪري سگهون. هي حڪمران ڪشمير وڪڻي هاڻي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪري اهي ٻيٽ وڪڻي ڪيٽي بندر کان وٺي گوادر تائين ساحلي پٽيءَ تي هڪ نئون ملڪ اڏڻ گهرن ٿا. ان موقعي تي جميعت علماءِ اسلام جا اڳواڻ علامه محبت علي کهڙو، مفتي نصير احمد ڀٽو، محمد عثمان جهتيال, عبدالسلام گودڙا ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.