سانگهڙ ۾ ٻن ڳوٺن ۾ واٽر سپلاءِ رٿا جو افتتاح

سانگهڙ (ڊ ر) سانگهڙ جي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا تعلقي سمجهورو جي يونين ڪائونسل ڪرڪلي جي ٻن ڳوٺن عيسيٰ چانڊيو ۽ بهادر خاصخيلي ۾ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ فائونڊيشن (آر ڊي ايف) ۽ اين سي اي جي گڏيل سهڪار سان قائم ڪيل واٽر سپلائي جي اسڪيم جو افتتاح ڪيو. سولر سسٽم تي قائم ڪيل هن واٽر سپلائي اسڪيمن سان ٻنهي ڳوٺن ۽ آسپاس جي 200 کان وڌيڪ گهرن کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت ملندي. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا چيو ته پيئڻ جو صاف پاڻي عام ماڻهو جي بنيادي سهولت آهي. ضلعي انتظاميا ۽ آر ڊي ايف تعلقي سنجھورو جي ماڻهن کي اين سي اي جي فنڊنگ سان واش پروگرام تحت پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ سينٽيشن جي سهولت مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته آر ڊي ايف هميشه معياري ۽ ايمانداري سان ڪم ڪري رهي آهي هن ٻنهي ڳوٺن ۾ آر ڊي ايف طرفان پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ فلٽر پلانٽ لڳائڻ جي پڻ واکاڻ ڪئي. آر ڊي ايف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اشفاق سومرو چيو ته عام ماڻهو کي پيئڻ جي صاف پاڻي تائين رسائي ڏيڻ سندس تنظيم جي ترجيح آهي ته جئين گندي پاڻيءَ سان ڦهلجندڙ بيمارين کي روڪي ماڻهن کي صحتمند زندگي مهيا ڪري سگهجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.