ٽيڪنالاجي جي غلط استعمال سبب ذهني دٻاءُ پيدا ٿئي ٿو: ڊاڪٽر صديق ڪلهوڙو

ڄامشورو (  ڊر ) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٿيل قومي ڪانفرنس ۾ ملڪ جي مختلف يونيورسٽين مان آيل آءِ ٽي ۽ ڪمپيوٽر جي ماهرن توڙي سائنسدانن چيو آهي ته ٽيڪنالاجي ۽ مشيني ايجادن انساني زندگيءَ ۾ آساني پيدا ڪئي آهي، پر ٽيڪنالاجيءَ جي غلط استعمال جو رجحان خطرناڪ آهي، جنهن کان پاسو ڪرڻ ضروري آهي. سنڌ جي نوجوانن کي عالمي طور پاڻ مڃائڻ لاءِ بلند اخلاقي قدرن سان آءِ ٽي ۽ ڪمپيوٽر جي ميدان ۾ مهارتون حاصل ڪرڻيون پونديون ته جيئن کين عالمي جاب مارڪيٽ ۾ نوڪريون ملي سگهن، انفارميشن ۽ انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي تمام وسيع فيلڊ آهي. اهڙو اظهار هنن ڪالهه هتي “انفارميشن ۽ انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي جا وڌندڙ لاڙا” جي سري هيٺ شروع ٿيل ٻن ڏينهن واري قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي اينڊ اسڪل ڊولپمينٽ خيرپور ميرس جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاهه هو. ڪانفرنس کي صدارتي خطاب ڪندي وي سي ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته ٽيڪنالاجي جي غير ضروري ۽ ناڪاري استعمال سبب ماڻهن ۾ ذهني دٻاءُ پيدا ٿي ويو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن موبائيل سميت ٽيڪنالاجي جو درست استعمال ڪجي ته اها رحمت آهي، ٻي صورت ۾ اها زحمت بڻجي ويندي آهي.هن چيو ته نوجوانن کي جديد ڄاڻ، مهارتون ۽ هُنر سکڻ جي اشد ضرورت آهي، بينظير يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي اينڊ اسڪل ڊولپمينٽ خيرپور ميرس جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مدد علي شاهه، جناح يونيورسٽي فار وومين ڪراچي جي ڊاڪٽر محمد شهاب صديقي تحقيقي مقالا پيش ڪيا، ٽئين سيشن جي صدارت ڊاڪٽر نياز آريجو ۽ ڊاڪٽر سندر خواجه ڪئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.