ٽنڊي آدم ماسترياڻي ۽ ڪلارڪ کي ڪورونا

ٽنڊوآدم (ت ر ) ٽنڊوآدم ۾ استادياڻي ۽ ڪلارڪ  کي ڪورونا جي تصديق رپورٽ موجب ٽنڊوآدم ۾ ڪورونا جا وڌيڪ ٻه نوان ڪيس سامهون آيا آهن گورنمينٽ جامعه مليه بوائز هاءِ اسڪول جي ماسترياڻي نجمه ميمڻ ۽ اسڪول جي ڪلارڪ محمد  هاشم سومرو به ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جن کي گهرن ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو آهي ڪورونا جي ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد اسڪول کي هفتي لاءِ بند ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر اعجاز جتوئي ٻڌايو ته ٽنڊوآدم ۾ ڪورونا جي ڪيس ظاهر ٿي رهيا آهن ان لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. عوام کي گهرجي ته شهر ۾ خريداري وقت ماسڪ جو استعمال ڪن ته جيئن ڪورونا کان بچاءُ ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.