لاڙڪاڻي ۾شهيد ذوالفقار ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شروع

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي ناليواري سياستدان، سياسي سماجي شخصيت ۽ اڳوڻي ايم پي اي مرحوم حاجي منور علي عباسي طرفان هر سال منعقد ٿيندڙ ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ياد ۾ 32 هين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شروع ٿي وئي آهي، ٽورنامينٽ جو افتتاح شيخ زيد پي سي بي ڪالوني ۾ فرزند بئريسٽر ڪاظم علي عباسي شاٽ کيڏندي ڪيو. ٽورنامينٽ ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن سان واسطو رکندڙ 120 ڪرڪيٽ ڪلب جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن، 20 اوورن تي مشتمل ناڪ آئوٽ ڪرڪيٽ راند جو فائنل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه واري ڏهاڙي 5 جنوري تي پي سي بي گرائونڊ تي ٿيندو. افتتاح بعد حاجي منور علي عباسي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ بئريسٽر ڪاظم رضا عباسي، رافع عباسي، ٽورنامينٽ آرگنائيزر ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪرڪيٽ ايسوسئيشن جي صدر رياض احمد عباسي، لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري مرتضيٰ ڪلهوڙو، سکر ڪرڪيٽ ايسوسئيشن جي اڳوڻي ريجنل صدر لالا تنوير، سکر ڪرڪيٽ ايسوسئيشن جي صدر آغا جاويد پٺاڻ، عبدالرزاق جتوئي، حق نواز بلوچ، استاد گل دايو، ڊاڪٽر ڪي بي بروهي ۽ ٻين شرڪت ڪري حاجي منور علي عباسي کي ڪرڪيٽ سميت راندين ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي سندس تصوير اڳيان ميڻ بتيون ۽ ڏيئا ٻاري کيس ڀيٽا پيش ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.