جوهي لڳ عورت اغوا بعد پرڻو ڪري قيد، وارثن جو ٻارڙن سميت احتجاج

جوهي ( ن ع آ ) ڊرگهه بالا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٽٻائي لنڊ جي رهواسي عورتن مسمات قزبانو مسمات آمنه، مسمات هير ،  پنج ورهين جي معصوم سجيلا، چار ورهين جي نبيلا ,ٽي ورهين جي معصوم  اسماعيل جي اڳواڻي ۾ ڊرگهه بالا پوليس پاران ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري جوهي دادو مين روڊ تي ڌرڻو هنيو، جتي متاثرين عورتن ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام هنيو آھي ته اسان جي نياڻي شادي شده مسمات حبيبان ڌي امام بخش کوسو زال سينگار لنڊ کي جوابدار نظير لنڊ  هٿيارن جي زور تي ڌمڪائي اغوا ڪري کيس ڊرامائي انداز ۾ پيار جو پرڻو ڄاڻائي پاڻ وٽ قيد ڪري ڇڏيو آھي، هنن چيو ته اسان جي نياڻي  شادي شده  ٽن معصوم ٻارڙن جي ماءُ آھي سندس مڙس سينگار لنڊ سعودي عرب ۾ ڪمائيندو آھي جڏهن ته جوابدار نظير لنڊ مڙس جي غير موجودگي ۾ غير قانوني شادي ڪئي آھي هنن چيو ته هاڻ ڊر گهه بالا پوليس کي ڳري رشوت ڏئي نظير پاڻ کي ٻانهن ۾ ڌڪ هڻي اسان خلاف  ڦر ۽ جهيڙي جو ڪوڙو ڊرامو ڪري ڊرگه بالا ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آھي ڊرگه پوليس هاڻ اسان جي مردن ۽ اسان عورتن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ۽ زبردستي  اسان جي گهرن آڏو پوليس جي سر پرستي ۾ اچي اسان جي گهرن تي قبضو ڪري  اسان کي اغوا ڪرائڻ ۽ اولاد کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي، چيف جسٽس ۽ آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.