سيد جاويد اقبال (ناپا)جو ٽن سالن لاءِ نئون چيئر مين مقرر

ڪراچي ( پ ر ) نيشنل اڪيڊمي آف پر فارمنگ آرٽ ( نا پا) جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز   سيد جاويد اقبال کي گڏيل طور تي ٽن سالن جي مدت لا اداري جو نئون ڇيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو ، ان جي مقرري طارق ڪرماني جي ٽن سالن جي دور جي تڪميل کانپوءِ ڪئي ويئي آهي،طارق ڪرماني کان اڳ چيئرمين شپ ڊاڪٽر عشرت حسين  وٽ هئي، بورڊ جي ميمبرن ناپا جي ايگزيڪيوٽو آفيسر طور ضيا محي الدين کي ٻيهر مقرر ڪري ڇڏيو  ان موقعي تي نئين چيئرمين  جاويد اقبال چيو آهي ته متفقه طور تي چيئرمين مقرر ٿيڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، ڇوته پرفارمنگ  آف آرٽ جي مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ ناپا هڪ مثالي ۽ شاندار ادارو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.