تلهار احساس سينٽر ۾ من پسند عورتن جي رجسٽريشن، متاثرن جو احتجاج

تلھار  ( رپورٽ: عاجز انور لاشاري ) تلھار ۾ احساس رجسٽريشن آفيس ۾ مختلف شھرن ڳوٺن مان رجسٽريشن ڪرائڻ لاءِ آيل مستحق پيرسن عورتون جي پيھ،ايس او پيز تي ڪو به عمل درعمل نه ٿيو،پراڻي تباھ حال واٽر سپلاءِ جي پلاٽ ۾ احساس رجسٽريشن جي آفيس قائم ڪري عورتن جي مرحليوار رجسٽريشن جو عمل پڻ جاري رکيو ويو واش روم ۽ ٻيون سهولتون نه هجڻ ڪري عورتن شديد ڏکيائون پيش اچڻ لڳيون،آفيس اندر ۽ ٻاھران عورتون ھڪ ٻئي مٿان سٿيل،ڪورونا ٽيست عملو جڏھن احساس رجسٽريشن آفيس تلھار پھتو ته اندر آفيس ۾ موجود خوف مان رڙيون ڪري عورتون ٻاھر نڪري ويون،ان سلسلي ۾ آيل عورتن عوامي پريس ڪلب تلھار جي صحافين کي ٻڌايو ته ھتي من پسنڌ ماڻھن جي سفارش تحت ڪم ڪرايا پيا وڃن اسان پيرولاشاري جي پٺتي علائقن کان پري پري کان روز جو پنڌ ڪري اچون ٿيون پر اسان کي نمبر ست ڏينھن گذرڻ جي باوجود به ناھي ملي سگھيو ھوڏانھن رجسٽريشن عملي پاران موقف ۾ ٻڌايو ويو ته اسان تلھار جي مختلف يوسين کي ترتيب ۽ مرحليوار سان ئي ھلايون پيا راڄوخاناني،سعيدپور ھاڻي پيرو لاشاري يونين ڪائونسل ھلي رھي آھي ان کانپوء تلھار شھر کي شروع ڪيو ويندو پر عورتون جيڪي ٻي علائقن ٽنڊوغلام حيدر مان اچن ٿيون انھن کي واپس موٽايون ٿا ته عورتون غلط بياني ڪري وڙھڻ لگن ٿيون جڏھن ته احساس رجسٽريشن آفيس ۾ ڪا به سھولت نه ھجڻ ڪري پري پري کان آيل عورتون پريشان آهيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.