ٺٽي ضلعي اندر منشيات جو وڪرو عروج تي پهچي ويو

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ٺٽي ضلعي اندر منشيات جو ڪاروبار عروج وٺي ويو، پوليس جو منٿلي تي زور، ھزارين انساني جانيون زھر جي ور چڙھي ويون، سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم به پوليس تي ڪو اثر نه ڪيو، خطرناڪ بيماريون پکڙجي ويون. ماضي ۾ علم، ادب سان ٽمٽار تاريخي ضلعو ننگر ٺٽو ھِن وقت زھريلي منشيات جو ڳڙهھ بڻجي ويو آھي. سنڌ جي تاريخي ضلعي ۾ گٽڪي، مائي، ڪچي شراب، ھيروئن جو ڪاروبار تيزي سان وڌي رھيو آھي، جنھن سبب ھزارين انساني جانيون داءُ تي لڳي ويون آھن، نوجوان توڙي ٻار ٻڍا ۽ عورتن جي گٽڪي ۽ مائي جي واھپي ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آھي.جڏھن ته سنڌ سرڪار جي عدم دلچسپي ۽ ڪن لاٽار سبب سنڌ ھاءِ ڪورٽ گٽڪي جي ڪاروبار خلاف نوٽيس وٺي گٽڪي جي بندش خلاف سخت قدم کنيا ۽ گٽڪي خلاف 337 اي قانون لاڳو ڪيو پر پوليس به منشيات فروشرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران سنڌ ھاءِ ڪورٽ لاڳو ڪيل قلم کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آھي. جڏھن ته گٽڪي ۽ مائي جو فيڪٽريون جيئن جو تيئن زھر تيار ڪري وڪرو ڪري رھيون آھن ۽ پوليس به منشيات فروشرن سان منٿلي مقرر ڪري چپ جو روزو رکي ڇڏيو آھي. جڏھن ته گٽڪي جي واھپي سبب ڪينسر جھڙي خطرناڪ بيماري ۾ پڻ اضافو ٿيو آھي، ڪيترئي نوجوان پنھنجون زندگيون وڃائي چڪا آھن ۽ ڪيترائي زندگي ۽ موت جي جنگ وڙھي رھيا آھن. ٻئي پاسي ڪچي شراب (ٺرو)، ھيروئن سميت ٻي زھريلي منشيات پڻ ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري وئي آھي، جنھن ڪري ڪيترائي نوجوان ان خطرناڪ منشيات ۾ وڪوڙجي پنھنجون زندگيون تباھ ڪري رھيا آھن پر پوليس ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. ان سلسلي ۾ ساڃاهھ وندن ھلندڙ منشيات خلاف سنڌ ھاءِ ڪورٽ کان پاڻمرادو نوٽيس وٺي منشيات فروشرن خلاف ڪارروائي ڪري زھريلي منشيات جي خاتمي جو مطالبو ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.