آءِ بي اي يونيورسٽي سکر ۽ ايس جي ايس گروپ ۾ٺاهه

سکر (رپورٽر) سکر آءِ بي اي  يونيورسيٽي ۽ ايس جي ايس گروپ گڏيل مفاھمت جي بنياد تي وائيس چانسلر آءِ بي اي يونيورسيٽي ڊاڪٽر مير محمد شاهه ۽ ايس جي ايس گروپ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عبدالرزاق لاکاني مفاھمت نامي تي صحيحون ڪيون. آءِ بي اي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مير محمد شاهه ڳالھائيندي چيو ته انڊسٽري اڪيڊيميه رابطن جي تخليق ۽ ان کي برقرار رکڻ سکر آءِ بي اي يونيورسيٽي جي فلسفي جو لازمي جز آھي. ڇو ته سماجي ۽ معاشي ترقي تي ان جا بھتر اثر پوندا، ايس جي ايس جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عبدالرزاق لاکاني ڳالھائيندي چيو ته آءِ بي اي يونيورسيٽي جا شاگرد ۽ استادن سان ھڪ انٽرا ايڪوٽيشن جو انعقاد ڪيو ۽ سکر آءِ بي اي يونيورسيٽي ۾ موجود ڪيمپس جي سھولت جي ساراهه ڪندي چيو ته يونيورسيٽي ۾ قائم ڪيمپس بين الاقوامي معيار جي تعليم تي پورا لھن ٿا.آءِ بي اي يونيورسيٽي جي رجسٽرار انجنئير زاھد حسين کنڊ چيو ته آءِ بي اي يونيورسيٽي صنعت جي ضرورتن مطابق نصاب تيار ڪندي آھي. ته جيئن ھتان گريجوئيٽ ڪري نڪرڻ وارا شاگرد انڊسٽري جي گھرجن ۽ معيار تي پورا لھي سگھن. ان موقعي تي عبدالرزاق لاکاني سان گڏ آيل پوري ٽيم کي يونيورسيٽي جو پورو دورو ڪرايو ويو، وفد کي سکر آءِ بي اي يونيورسيٽي جي ڊائريڪٽر ڪوالٽي اينڊ اينسمنٽ سيل پروفيسر ڊاڪٽر شير محمد دائود پوٽو تفصيلي آگاهه ڪيو،آفيس آف ريسرچ انوويشن اينڊ ڪمرشل ۽ آءِ بي اي يونيورسيٽي گڏيل مفاھمت جي بنياد تي هڪ ٻئي سان سھڪار وڌائڻ جو عھد ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.