حيدرآباد ۾ واسا ملازمن جو احتجاجي مظاهرو

حيدرآباد(رپورٽر) ايڇ ڊي اي ايمپلائيز يونين واسا جي ملازمن کي پگهارون ۽ پينشن نه ملڻ خلاف حيدرآباد ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامهون ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي  نياز حسين چانڊيو، عبدالقيوم ڀٽي، محمد رحيم کوسو، اعجاز احمد ۽ ٻين چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت جو نعرو آهي، روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان، پر هن حڪومت ته اسان کان ماني ٽڪر کسي ورتو آهي، جنهن سبب سخت پريشان آهيون. جڏهن ته ريگيولر ملازمن جون گذريل 10 مهينن کان پگهارون بند پيون آهن، ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن جون 13 مهينن کان پگهارون بند پيون آهن، جنهن سبب گهرن ۾ فاقاڪشي وارو ماحول ڇائنجي ويو آهي،ايون خالي هجڻ جي باوجود ڪانٽريڪٽ وارن ملازمن کي پڪو نٿو ڪيو وڃي. هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه کي اپيل ڪئي ته ملازمن جون رهيل پگهارون جلد ڏياري غريب ملازمن سان انصاف ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.