مڪاني کاتي جي ملازمن جا مسئلا حل نه ٿيا، لاڙڪاڻي ۾احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ نوجوان اتحاد پاران لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن ٽريزري ذريعي آن لائين نه ٿيڻ توڙي ڪٽوتي واري عمل خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي جتي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي سنڌ نوجوان اتحاد جي صدر عبدالغفور چانڊيو، رضوان جاگيراڻي ،مظفر سومرو، سليم چاچڙ، راجا مدثر، وحيد جاگيراڻي، ايڊووڪيٽ سلميٰ ڀٽو ۽ ٻين چيو ته ڪرونا وائرس سبب ملڪ ۾ بک ۽ بيروزگاري جي ور چڙهي ويا آهن اهڙي صورتحال باوجود  لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي ڪري کين بنيادي حق ٽريزري مان پگهارون نه ٿيون ڏنيون وڃن ويتر ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن مان غيرقانوني ڪٽوتي ڪري ملازمن کي تنگ ڪيو پيو وڃي گهٽ پگهار ملڻ سبب ڪيترن ئي ننڍن ملازمن جا چُلها وسامڻ تي آهن پر سنڌ حڪومت کي ڪو به احساس ناهي.اڳواڻن سنڌ جي وڏي وزير، لوڪل گورنمينٽ کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جلد کان جلد لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن ٽريزري ذريعي آن لائين ڪري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن مان ڪٽوتي ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.