قمبر ۾ ڳوٺاڻن جو انصاف لاءِ احتجاج، مظاهرو

قمبر)ڊ ر)قمبر جي غيبي ديري ٿاڻي جي ڳوٺ غلام محمد چانڊيو ۾ گولي لڳڻ سبب معذور ٿي ويل ناري ياسمين ٺوڙھياڻي ۽ وارثن مڙس امتياز احمد ۽ معصوم ٻارڙن ناري جي والده مسمات گڏي سميت واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ناري جي امڙ مسمات گڏي خاتون،ناري جي مڙس امتيازميڊيا کي ٻڌايو ته معمولي ڳالهه تان جوابدار عبدالرزاق ياسمين تي پسٽل جو فائر ڪري پٺيءَ ۾ گولي ھڻي سخت زخمي ڪيو جنهن سبب ڪراچي اسپتال کڻائي وياسين هن وقت عورت جو هيٺين ڌڙ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي حد جي ٿاڻي تي واقعي واري ڏينهن اين سي به داخل ڪرائي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو. هنن وڌيڪ چيو ته اسان غريب پورهيت بي پهچ هئڻ ڪري روز ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ غيبي ديرو ٿاڻي تي وڃون ٿا پر پوليس ڪوڙا دلاسا ڏئي موٽائي ڇڏي ٿي. هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي،، ٻئي پاسي غيبي ديرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او جان محمد مڱريو ٻڌايو ته مون ڪالھ چارج ورتي آهي. فريادي ڌر اچي ته ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري فريادي ڌر کي انصاف ڏياريندا سين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.