گهوٽڪي ۾ميلاد مصطفيٰ جي تقريب، نعت پيش

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ۾ جشن عيد ميلاد جي حوالي سان هڪ تقريب ٿي گذري جنهن ۾ درگاھ ڊٻ ميھر شاھ جيلاني جو پير سيد شاھ حسين شاھ جيلاني جن پنھنجي سالياني سفر تي  گھوٽڪي پھچي وزير احمد ڪلوڙ رشيد سنڌي گلبھار ڪلوڙ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي , تقريب ۾ خليفو رحمت الھ ڪلوڙ ,  رحمڻ فقير ,  صاحبڏنو ڪلوڙ , شفقت ڪلوڙ , سرور ڪوري , واحد بخش مھر ,  ڪامريڊ اڪرم ٿھيم وھاب سھتو  ۽ ٻين شرڪت ڪئي , ان موقعي ته تقريب کي خطاب ڪندي سيد شاھ حسين شاھ جيلاني چيو ته اسان کي گهرجي ته پاڻ ۾ ايڪو ۽ ٻڌي قائم ڪري , الله ۽ ان جي رسول جي ڏسيل واٽ تي هلون , ڇو ته ان واٽ ۾ ئي سڪون آهي , هن چيو ته سنڌ جا ماڻهون محبت ڪندڙ ۽ مهمان نواز آهن. , اسان کي گهرجي ته پاڙي وارن جو خيال رکون ۽ انهن جا حق ادا ڪيون , ان موقعي تي سنڌ جي مشھور نعت خوان نياز احمد سڪندري نبي اڪرم ص جن جي شان ۾ نعت چئي محفل روحاني ڪري ڇڏي .

غوثيه جماعت جي روحاني پيشوا، پي ٽي آءِ اڳواڻ مخدوم زين العابدين قريشي جو ٺٽي پهچڻ تي شاندار استقبال

ٺٽو (بيورو چيف) غوثيه جماعت جي روحاني پيشوا، پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ايم اين اي مخدوم زين العابدين قريشي سنڌ جي ٽن ڏينھن دوري تي نڪتل، قافلو ٺٽي جي حدن ۾ پھچڻ تي شاندار استقبال، گلن جي ورکا. 3 ڏينھن جي روحاني دوري تي ڪراچي کان نڪتل قافلو ڌاٻيچي، گھارو، گجو ۽ مڪلي تي پھچڻ تي غوثيہ جماعت ۽ پي ٽي آءِ ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن پير نور نبي شاھ، رئيس ارسلان خان بروھي، عرفان عاري جوکيو، پير شوڪت شاھ، غلام علي درس، جاويد درس، اڪبر پلي، مير فيضان خان بروھي، ھوش محمد عباسي، ذوالفقار ڳاھو، جاويد لطيف ميمڻ، مراد خان، وقار احمد ميمڻ، مظھر علي ميمڻ، پير غلام حسين شاھ ۽ ٻين پاران شاندار استقبال ڪري کيس پير ھائوس مڪلي پھچايو، جتي ھن جماعت جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ مريدن سان ملاقاتون ڪري سندن مسئلا معلوم ڪيا.

بشير ڀٽو مارڪيٽ ڪميٽي سکر جو چيئرمين چونڊجي ويو

سکر)رپورٽر)  ڊپٽي ڪمشنر سکر جي منظورِيءَ سان اسسٽنٽ ڪمشنر سکر سٽيِ جي آفيس ۾ مارڪيٽ ڪميٽي سکر سٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جون چونڊون ٿيون. ڊي سي سکر پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن  مطابق مارڪيٽ ڪميٽي سکر سٽي جي چيئرمين واري عهدي تي بشير احمد ڀٽو ۽ وائيس چيئرمين لاءِ مختيار احمد ڪمبوھ کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.

باهو کوسو ۾ 28 نومبر تي اسڪول ۾ ثقافتي تقريب ٿيندي

باهو کوسو (ن ع آ ) باهو کوسو ۾  خانگي اسڪول پاران سنڌي ميڊيا جي 6 ڊسمبر واري ثقافتي ڏينهن جي آجيان ڪندي اسڪول ۾ پروگرام ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو شاه لطيف اڪيڊمي جي استادن ۽ شاگردن پاران  گڏجاڻي ڪوٺائي وئي گڏجاڻي ۾ سنڌي ميڊيا جي سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت واري سري سان ملهائيجندڙ ڏينهن جي آجيان ڪئي وئي آهي, گڏجاڻي ۾ شاگردن, والدين ۽ صحافين شرڪت ڪئي , گڏجاڻي ۾ 28 نومبر تي تعليمي ۽ ثقافتي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو ويو ان موقعي تي خطاب ڪندي استاد شهزادو خان گولو , تبسم کوسو علي حسن هانڀي ء صحافین باسط بلوچ ناصر بلوچ وحید بلوچ ء  والدین, بگن نصيراڻي, فتح محمد گهنڃو, اڪبر علي نندواڻي, منٺار گهنڃو ۽  ٻين چيو ته سنڌي ميڊيا  جي ثقافت واري ڏينهن جي آجيان ڪريون ٿا ان ڏينهن تعليمي ڪانفرنس ڪوٺائي ثقافت وارو ڏينهن ڀرپور نموني ملهائينداسين.

مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڪمپيوٽرائيزڊ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جوانٽرويو

ڄامشورو( پ ر) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو مرڪزي ڪيمپس ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس خيرپور ميرس جي نئين تدريسي سال -212020  (20 Batch)جي داخلا لاءِ ڪمپيوٽرائزڊ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جا انٽرويوز ٻئي ڏينهن به جاري رهيا. ان موقعي تي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي انٽرويوز سينٽر جو دورو ڪري والدين ۽ شاگردن سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. وائيس چانسلر چيو ته ڪووڊ-19 جي ڪري هن ڀيري انٽرويوز لاءِ هر ڏينهن ماضي جي ڀيٽ ۾ گهٽ اميدوارن کي سڏيو ويو آهي.هن چيو ته والدين ۽ شاگردن کي ڪووڊ جي ايس او پي جي ڪري ڪجهه مشڪلاتون ضرور ٿيون هونديون پر وبا جي ڪري اسان سڀ مجبور آهيون.. وائيس چانسلر چيو ته، هر ٽيڪنالاجي جي هڪ جيتري اهميت آهي، ڊگري کان وڌيڪ شاگرد جي محنت ۽ هن جو رويو روزگار ڏيارڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. جڏهن ته مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي مرڪزي آڊيٽوريم ۾ جاري انٽرويوز ۾ ڪالهه ٻئي ڏينهن تي قمبر شهداد ڪوٽ ۽ لاڙڪاڙو ضلعي جي اميدوارن جا انٽرويو ورتا ويا. جڏهن ته اڄ 19 نومبر خميس ڏينهن سکر ۽ گهوٽڪي ضلعن جي ڪُل 133 اميدوارن جا انٽرويو ورتا ويندا. طع ٿيل شيڊول مطابق سڀاڻي 20 نومبر جمع ڏينهن ضلع شهيد بينظير آباد ۽ ضلع نوشهرو فيروز جي اميدوارن جا انٽرويو ورتا ويندا. ياد رهي ته انٽرويوز دوران ڪورونا کان بچاءُ واري ايس او پيز تي پڻ سختي سان عمل ڪرايو ويو.

عادلپور ۾ ملڪ برادري جو بي آءِ ايس پي ايجنٽ خلاف احتجاج

جان محمدسوسائٽي (ن ع آ)عادلپور جي رهواسين ملڪ برادري جي حاڪم علي ملڪ ۽ وارث علي ملڪ عادلپور پريس ڪلب عادلپور پهچي ميڊيا اڳيان داهيندي ڪندي الزام لڳائيندي چيو ته اسان جو والد صاحب فوت ٿي ويو آهي ۽ اسان جي بيواهه امڙ جي نالي تي بينطير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا 12000 آيا آهن ۽ عادلپور جو ايجن  اسان جي گهر اچي منهنجي امڙ کي چيو ته توهان جا پئسا منظور ڪرايا آهن ۽ انهن جي سرڪاري فيس 3000 هزار آهي اها اڄ ڏيو ته جمع ڪرائي توهان کي پئسا وٺي ڏيان ٿو فيس نه ڏيڻ جي صورت ۾ پئسا واپس هليا ويندا ۽ اسان کان ٻن ڪارڊن جا 6000 وٺي ويو آهي.، جڏهن اسان جي امڙ دڪاندار  گل محمد ميراڻي کان پئسا ڪڍرايا ۽ جاچ پڙتال ڪئي سون ته ايجنٽ  بخت ﷲ ڪلوڙ ۽ دڪاندار گل محمد ميراڻي پاڻ ۾ مليل ۽ هڪ هٽي آهن. احتجاج ڪندڙ حاڪم علي ۽ وارث علي ملڪ ڊي سي گهوٽڪي اسٽنٽ ڪمشنر گهوٽڪي ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊائريڪٽر کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان جي معاملي جو نوٽيس وٺي اسان کي رشوت طور ورتل پئسا واپس ڪرائي ڏنا وڃن.

لاڙڪاڻي ۾26 نومبر تي شهيد اسلام ڪانفرنس، اڳواڻن جا دورا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ 26 نومبر تي منعقد ٿيندڙ شهيد اسلام ڪانفرنس کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ مولانا ناصر خالد محمود سومرو، محبت علي کهڙو، مولانا نصير احمد ڀٽو، قاري محمد عثمان جھتيال، عبدالله حيدري، عبدالمتين سهڙو، مولانا حميدالله سيال، آصف علي مگسي ۽ ٻين طرفان ڏوڪري ۽ باڊهه جي مختلف علائقن جا دورا ڪيا ويا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شهيد اسلام ڪانفرنس ۾ لکين ڪارڪن شريڪ ٿي پنهنجي شهيد قائد کي خراج عقيدت پيش ڪندا، شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قاتلن کي ڦاهيءَ تي پهچائڻ تائين سک جو ساهه نه کڻبو، بابا جي شهادت تي فخر آهي،منهنجي شهيد والد هميشه سنڌ جي حقن جي حاصلات جي ڳالهه ڪئي، هنن وڌيڪ چيو ته سليڪٽيڊ سرڪار جي ڪوڙي سياست کان عوام واقف ٿي چڪو آهي، پاڪستان سميت سنڌ جي طرف ميري اک سان ڏسڻ وارن جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين، سنڌ جي وحدانيت تي وار ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته سليڪٽيڊ سرڪار ملڪي معيشت کي وينٽيليٽر تائين پهچائي ڇڏيو آهي، ملڪ نااهل شخص حوالي ڪيو ويو آهي، عوام کي جعلي حڪومت جي عذاب کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ تائين جدوجهد جاري رهندي، گلگت بلتستان جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي تاريخ ورجائي وئي آهي، سليڪٽيڊ وزيراعظم ڌانڌلي ڪري کٽڻ کانپوءِ اليڪشن ۾ سڌارا آڻڻ جو لولي پاپ ڏئي رهيو آهي، گلگت بلتستان ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڌانڌلي ڪري سليڪٽيڊ حڪومت دنيا آڏو پڌري ٿي چڪي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.