اين ايس جي ايل رٿا تي جلد ڪم ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد (پ ر ) اسلام آباد ۾ پاڪستان جي توانائي واري وزارت ۽ روس جي انرجي منسٽري جي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ نارٿ سائوٿ گئس پائيپ لائين جي حوالي سان مختلف فيصلا ڪيا ويا.  ملاقات جي موقعي تي ٻنهي پاسن کان فني عملدار به موجود هئا. ملاقاتن ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ان رٿا کي هر حوالي سان ڪامياب ڪري بهتر نتيجا حاصل ڪيا ويندا. ان منصوبي کي نارٿ سائوٿ گئس پائيپ لائين پراجيڪٽ جو نالو ڏنو ويو آهي، جيڪو پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ امڪاني طور نون معاشي ۽ اقتصادي دور کي جنم ڏيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.