ڪراچي جي سنڌي وسندي ۾ هنري مرڪز تي قبضو، متاثرن جو احتجاج

کوکراپار (ن ع آ) مهاڻن جي وسندي ريڙهي ڳوٺ ۾ سماجي تنظيم طرفان هلندڙ اسڪول ۽ هنري سينٽر تي قبضا گيرن جو قبضو، سماجي تنظيم طرفان احتجاج، مختيارڪار ابراهيم حيدري جو ڇاپو، قبضو ڪري ويٺل عورتن کي هڪ هفتي اندر قبضو خالي ڪرڻ جو هدايتون جيڪڏهن قبضو ختم نه ڪيو ويو ته مهاڻا قبضا گيرن خلاف احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندا  2000 هزار ڪتاب، ڪمپيوٽر ۽ لکين رپين جو سامان وڪرو ڪري سينٽر کي مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو آهي ماهيگير سماجي سنگت جي اڳواڻن رقعيه  ۽ يونس خاصخيلي جي هنگامي پريس ڪانفرنس، تفصيل موجب ريڙهي ۾ مهاڻن جي تنظيم ماهيگير سماجي سنگت جي اڳواڻن رقعيه خاصخيلي ۽ يونس خاصخيلي ميمڻ ڳوٺ ملير۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته سندن تنظيم طرفان هلندڙ فيلو شپ اسڪول ۽ هنري سينٽر مرڪز تي با اثر قبضا گيرن عورتن ذريعي زوري قبضو ڪري ورتو آهي جنهن خلاف هو مسلسل احتجاج ڪندا ضلعي ڪونسل ڪراچي ڊي سي ملير، ايس ايس پي ملير، چونڊيل نمائندن وٺ دانهون ڪندا رهيا ن. جنهن جو نتيجو هي نڪتو آهي ته گذريل هفتي مختيارڪار ابراهيم حيدري ڊي سي ملير جي هدايتن تي قبضي هيٺ آيل اسڪول ۽ هنري مرڪز تي ڇاپو هنيو جتي مرڪز کي گهر ۾ تبديل ڪيو ويو هو ۽ اتي موجود ماهيگير سماجي سنگت جي گڏ ڪيل 2000 ڪتاب 10 ڪمپيوٽرن سميت لکين رپين جو سامان وڪرو ڪري سينٽر کي مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو آهي، مختيارڪار قبضا گير عورتن طرفان عمارت طرفان ذاتي ملڪيت قرار ڏيڻ لاءِ ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي جو وقت ڏنو هو جيڪو پڻ پورو ٿي ويو آهي پر اڃان تائين اسڪول خالي نه ڪرايو ويو آهي، هنن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته سامونڊي پٽي ۾ تعيلم تباھ ٿيل آهي خاص طور تي نياڻين جي تعليم نه هجڻ جي برابر آهي اتي اسان نه رڳو اسڪول کولي نياڻين کي پڙهايو پر ڪتاب ۽ ڪمپيوٽر رکي علم، ادب ۽ هنر سيکاريو جنهن کي منشيات فروشن سازش وسيلي قبضو ڪري تباھ ڪيو آهي هنن ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ ڊي سي ملير گهنور علي لغاري ۽ ايس ايس پي ملير سنيت اعلي اختيارن کي اپيل ڪئي ته هو فوري طور تي قانوني ڪارروائي ڪري قبضي هيٺ آيل اسڪول ۽ هنري مرڪز کي خالي ڪرائي ماهيگير سماجي سنگت حوالي ڪيو وڃي ته جيئن علمي، ادبي، ۽ هنري سرگرميون ٻيهر بحال ڪري سگهجن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.